شاعرانه گل

شاعرانه گل

شاعرانه گل

شاعرانه گل (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه لطيف، سچل سرمست، گل ۽ ساميءَ جي چونڊ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن کي لالچند امرڏنو مل جڳتياڻيءَ، مختلف ڪتابن: ‘هندستان جي تاريخ’، ‘عمر مارئي’، ‘سون ورنيون دليون ’ ۽ ‘ڦلن مٺ’ مان چونڊ ڪري مرتب ڪيو. ڪتاب جو مهاڳ مرتب جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي شاعري ترتيب وار الڳ الڳ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 54 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڀارت اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو